نڪور خبرون
Home / سنڌ / زبير چريا ساٿين سان گڏجي بلديا ۾ فيڪٽري کي باهه ڏني هئي: رحمان ڀولا جي اعترافي بيان

زبير چريا ساٿين سان گڏجي بلديا ۾ فيڪٽري کي باهه ڏني هئي: رحمان ڀولا جي اعترافي بيان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلديه سانحو ڪيس آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو. مُک جوابدار رحمان ڀولا جي اعترافي بيان ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته باهه ڏيڻ جو ٽاسڪ ملڻ بعد زبير چريا ساٿين سان گڏجي فيڪٽري کي باهه ڏني هئي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديه سانحو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جيل اختيارين طرفان جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي پيش ڪيو، جڏهن ته عدالت ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا به پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت آڏو جوابدار رحمان ڀولا جو اعترافي بيان پڙهي ٻڌايو ۽ دليل ڏنا. اعترافي بيان ۾ رحمان ڀولا چيو آهي ته بلديه فيڪٽري جي مالڪن کان 25 ڪروڙ يا حصيداري گهري هئي. مالڪن طرفان انڪار جي صورت ۾ کين فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جون هدايتون مليون. اعترافي بيان ۾ رحمان ڀولا انڪشاف ڪيو آهي ته فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جو ٽاسڪ زبير چريا کي ڏنو ويو ۽ جنهن ڏينهن فيڪٽري کي باهه لڳي، اُن ڏينهن هو زبير چريا جي پويان موٽر سائيڪل تي ويو هو. زبير چريا ساٿين سان گڏجي بلديه فيڪٽري کي باهه ڏني هئي. ٻڌڻيءَ دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل طرفان رحمان ڀولا جي اعترافي بيان سوڌو ٻيون به شاهديون پڙهي ٻڌايون ويون، هُن ساڍا 3 سئو شاهدن جا به بيان پڙهي ٻڌايا. عدالت ٻڌڻي 14 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪندي اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے