نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سپريم ڪورٽ (بي آر ٽي) منصوبي جي جاچ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ (بي آر ٽي) منصوبي جي جاچ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي پشاور ۾ آڪٽوبر 2017 کان تعمير هيٺ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي جي جاچ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ عدالت عظميٰ جي 3 رڪني بئنچ خيبر پختونخواهه حڪومت طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌايو. واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ گذريل سال نومبر ۾ بس منصوبي جي مختلف پهلوئن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. جاچ روڪڻ سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ بي آر ٽي منصوبي جي مجموعي لاڳت ۽ پوري ڪرڻ جا تفصيل به طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته بي آر ٽي منصوبي جي شروعات لاڳت ڪيتري هئي؟ منصوبو پورو ٿيڻ جي شروعاتي تاريخ ڇا هئي ۽ بي آر ٽي منصوبو ڪيستائين پورو ٿيندو؟ جسٽس مظهر عالم ميان خيل پڇيو ته ڇا بي آر ٽي منصوبو مڪمل ٿيڻ جي ڪا تاريخ آهي به يا نه؟ ان موقعي تي ڪي پي حڪومت جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ فيصلو بنا سببن جي جاري ڪيو.  وڪيل دعويٰ ڪئي ته پشاور هاءِ ڪورٽ هو فيصلو ڏنو، جنهن جي درخواست گذار اپيل ئي نه ڪئي هئي. وڪيل ڪي پي حڪومت طرفان منصوبو پورو ٿيڻ جي نئين تاريخ ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته جولاءِ 2020 تائين بي آر ٽي پشاور منصوبو مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي بس ريپڊ ٽرانزٽ جي جاچ لاءِ ڏنل پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے