نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسان جي هن لنگرخانه حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي: احسن اقبال

اسان جي هن لنگرخانه حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي: احسن اقبال

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)احتساب عدالت نارروال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نارروال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي ٿينيب پراسيڪيوٽر احسن اقبال جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪندي چيو ته احسن اقبال کي 23 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو ۽ ان خلاف جاچ جاري آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته لاڳاپيل رڪارڊ تحويل ۾ وٺي شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن ان حوالي سان ڪجهه بئنڪ رڪارڊ مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌڪئي وڃي. نيب جي درخواست تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جو 28 ڏينهن جسماني رمانڊ ٿي ويو آهي، ڇا 90 ڏينهن رمانڊ وٺندئو؟عدالت نيب جي درخواست رد ڪري احسن اقبال کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار کي 7 فيبروري تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي. عدالت پاران احسن اقبال کي جيل ۾ گهرڀاتين سان ملاقات، علاج ۽ گهر جي کاڌي جي اجازت ڏني وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته هو گڏيل قومن کان مطالبو ڪري ٿو ته عمران خان کي چندو گڏڪرڻ جي ڪنهن عهدي تي لڳائي اسان جي هن لنگرخانه حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے