نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مامون الرشيد شيخ قومي امن ترقي پارٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ فيصل واوڊا کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار درخواست ۾موقف اختيار ڪيو آهي ته فيصل واوڊا لائيو شو ۾ ن ليگ مٿان بوٽ پالش ڪرڻ ۽ چٽڻ جا سنگين الزام لاڳو ڪيا آهن. هن جو چوڻ آهي ته ميمو گيٽ ۾ حسين حقاني ۽ ڊان ليڪس جي ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي ها ته فيصل واوڊا گيٽ واقعو پيش نه اچي ها. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فيصل واوڊا پاڪستان جي اعليٰ جمهوري ۽ دفاعي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. هن موقف اختيار ڪيو آهي ته فيصل واوڊا آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت پارليامينٽ ۽ ڪابينه جو حصو نٿو رهي سگهي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي. درخواست ڏيندڙ جو چوڻ آهي ته عدالت فيصل واوڊا جي اسڪينڊل جي جاچ جي لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏئي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے