نڪور خبرون
Home / سنڌ / اسٽيبلشمينٽ جو جواب اچڻ تائين ڪليم امام ئي آءِ جي سنڌ رهندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اسٽيبلشمينٽ جو جواب اچڻ تائين ڪليم امام ئي آءِ جي سنڌ رهندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو جواب اچڻ تائين ڪليم امام ئي آءِ جي سنڌ رهندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏنا. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ۾ چيو  ته عدالت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مشاورت کانپوءِ آءِ جي کي تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته  قانون ۾ آءِ جي سنڌ جي ملازمت جو مُدو 3 سال آهي. عدالت حڪم ڏنو ته نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري قانون موجب ڪئي وڃي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے