نڪور خبرون
Home / پاڪستان / گهرو وزارت نوازشريف کان 48 ڪلاڪن اندر ميڊيڪل رپورٽون طلب ڪري ورتيون

گهرو وزارت نوازشريف کان 48 ڪلاڪن اندر ميڊيڪل رپورٽون طلب ڪري ورتيون

لاهو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان 48 ڪلاڪن اندر ميڊيڪل رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.ميڊيا رپورٽ موجب پنجاب جي گهرو وزارت نوازشريف کان ان جون تازه ميڊيڪل رپورٽون فوري طور تي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ميڊيڪل بورڊ ان رپورٽن جو جائزو وٺندو جنهن کان پوءِ ان جي لنڊن ۾ رهڻ ۾ واڌ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف پنجاب حڪومت کي 23 ڊسمبر تائين ضمانت ۾ واڌ جي درخواست ڏني هئي جنهن تي ان جي وڪيل خواجه حارث کي خط لکيو ويو هو پر هن پنهنجي جواب ۾ ميڊيڪل رپورٽن جي وصولي جي لاءِ نوازشريف جي ذاتي معالج کي خط لکڻ جو چيو هو.پنجاب حڪومت ڊاڪٽر عدنان ۽ عطا تارڙ کي به خط لکي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد به ڊاڪٽر عدنان سان رابطو ڪري تازيون ميڊيڪل رپورٽون گهري چڪي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے