نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وفاقي ڪابينه مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينه مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينه چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال سميت خطي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس جي دوران وزيراعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي پاڪستان جي موقف تي ڪابينه جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي براءِ اي سي ايل چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جنهن جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطلي کان پوءِ مريم نواز چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جو پاسپورٽ واپس ڪرڻ ۽ نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست 15 جنوري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر  ڪري چڪي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے