نڪور خبرون
Home / سنڌ / نيب راولپنڊي پڻ خورشيد شاه کان جاچ لاءِ درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

نيب راولپنڊي پڻ خورشيد شاه کان جاچ لاءِ درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب سکر جي حراست هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه کان جاچ لاءِ نيب راولپنڊي پڻ احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ان درخواست ۾ سيد خورشيد شاه کان سندس وزارت جي دور ۾ پورهئي ۽ افرادي سگهه واري وزارت ۾ ٿيل بدعنواني جي جاچ جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. نيب راولپنڊي طرفان 10 سوالن تي ٻڌل سوالنامو پڻ جمع ڪرايو ويو آهي. نيب جي پراسيڪيورٽر نيب راولپنڊي جي درخواست احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي. احتساب عدالت درخواست قابل سماعت قرار ڏئي نيب سکر ۽ راولپنڊي جي اختيارين کي 17 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے