نڪور خبرون
Home / سنڌ / وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ ۾ ناڪام، استعيفيٰ واپس نه وٺڻ جو اعلان

وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ ۾ ناڪام، استعيفيٰ واپس نه وٺڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت ۾ پنهنجي اتحادي جماعت متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي پرچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺڻ ۽ ڪابينا ۾ ٻيهر شموليت کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت طرفان مطالبا پورا نه ٿيڻ تي متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي آءِ ٽي جي وزارت به ڇڏي ڏني هئي. حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو وفد اسد عمر جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيوايم پاڪستان جي آفيس بهادر آباد پهتو ان سان گڏ فردوس شميم، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، قومي اسيمبلي جو ميمبر آفتاب ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هيا. حڪومتي وفد جي ميمبرن بهادر آباد پهچڻ کان پوءِ ڳالهائيندي چيو هو ته ان جي ڪوشش هوندي ته خالد مقبول صديقي کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ قائل ڪيو ويندو ته جيئن هو وفاقي وزير جي حيثيت سان پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي. پر روايتن جي ابتڙ جڏهن تحريڪ انصاف جو جود بهادرآباد پهتو ته ايم ڪيو ايم طران ان جو ڪو به استقبال نه ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اندر وڃي ٻنهي پارٽين ۾ مذاڪرات شروع ٿيا ان دوران ٻنهي وفد وچ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهيون جاري رهيون جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي خالد مقبول صديقي کي پرچائڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ويون. ايم ڪيو ايم طرفان مذاڪرات ۾ فيصل سبزواري، خواجه اظهار الحسن سميت ٻيا اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا. ملاقات کان پوءِ اسد عمر ۽ خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملاقات کي خوش آئينده قرار ڏنو. اسد عمر چيو ته خالد مقبول صديقي جي خواهش آهي ته هو ڪابينا جو حصو نه رهي پر اسان جي خواهش آهي ته هو ڪابينا جو حصو رهي. خالد مقبول صديقي پنهنجي ڳالهين ۾ ان مذاڪرات کي ملاقات قرار ڏيندي چيو ته ملاقات پهرين کان طئي ٿيل هئي ۽ ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جو وفد اڄ ٻيهر دورو ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران قومي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون ۽ اسان هتي اچڻ تي اسد عمر جا شڪر گذار آهيون. خالد مقبول صديقي چيو ته ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس ۾ به ڪا اهڙي سنسني خيز ڳالهه نه هئي پر اسان نمبرن ذريعي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو اهو جاري رکنداسين اسان صرف اهو چيو هو ته ڪابينا ۾ ويهڻ سان ڪو به فائدو حاصل ناهي ٿيو. هن جو چوڻ هو ته اسان طرفان عوام سان ڪيل واعدا ياد آهن ۽ اسان ان تي عمل ڪري چڪا آهيون باقي خوشخبريون ان وقت ٻڌائينداسين جيڪي اسان سان ڪيل واعدا روڊن تي پيل نظر ايندا.  

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے