نڪور خبرون
Home / سنڌ / چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪندڙن کي آفر آرڊر نه مليا، حيدرآباد ۾ ريلي

چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪندڙن کي آفر آرڊر نه مليا، حيدرآباد ۾ ريلي

حيدرآباد ( رپورٽر )حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان سي سي اِي 2018 ۾ پاس ٿيل اميدوارن احتجاجي ريلي ڪڍي، اميدوارن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي علامه دائود پوٽو لائبرري کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھيڊ آفيس تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن راجيش دلپت، منصور عباسي، علي ملاح، رجب سهتو، ڊاڪٽر ۽ ٻين جو چوڻ هوته ريلي جو مقصد سماجي طبقن کي آگاهي ڏيڻ آھي جن کي ڪوڙ تي مبني بي بنياد ۽ منفي خبرون ٻڌايون پيون وڃن جن جو مقصد اھليت جي بنياد تي ڪامياب اميدوارن جو رستو روڪڻ آھي. اميدوارن وزيراعلي سنڌ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کان پرزور مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد آفر ليٽر ڏنا وڃن ۽ منفي عنصرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بيشڪ ميرٽ جي بنياد تي گڏيل چٽاڀيٽي امتحان 2018 ۾ غريب گھراڻن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اميدوارن کي امتحان ذريعي پاس ڪيو آھي جنهن ۾ راجيش دلپت، منصور عباسي، علي ملاح، رجب سهتو، ڊاڪٽر آصف، شاهه رخ ميگهواڙ، سڪندر مھيري، سرمد، ڀڳوان داس، سني ڪمار، سورٺ ابڙو، فرزانہ علي، صفيه ، ڊاڪٽر حيدر علي، خادم علي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آھن جن پي ايم ايس، اي ٽي او، اي آر سي ايس ۽ ڊي ايف سي جھڙن عھدن تي ڪاميابي ماڻي، سي سي اي 2018 ۾ ٻيا پڻ ڪيترائي نالا شامل آهن جيڪي پهريان کان ئي پنهنجي قابليت جي آڌار تي اهم عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آهن جن ۾ ڊاڪٽر اختر، ڊاڪٽر آصف ڪورائي،رضوان شيخ، شفقت آريسر، ڊاڪٽر شاھنواز ميراڻي، ڊاڪٽر مظھر علي، رضا شر، نويد کوکر، ڊاڪٽر زاهد، عبدالقادر مشوري، ماجدشيخ ريحان علي،اياز مشوري، انيس، اسد کتري سميت ڪيترائي شامل آھن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے