نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مشرف غداري ڪيس،خصوصي عدالت جي جوڙجڪ ڪالعدم قرار

مشرف غداري ڪيس،خصوصي عدالت جي جوڙجڪ ڪالعدم قرار

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ خاص عدالت جي جوڙجڪ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب  لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف فيصلو ٻڌائيندڙ خاص عدالت جي جوڙجڪ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ سنگين غداري ڪيس تي ٽرائل لاءِ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو.اڄ ٻڌڻي جي شروعات تي وفاقي حڪومت خاص عدالت جي جوڙجڪ بابت سمري ۽ رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته مشرف جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو معاملو ڪڏهن به ڪابينا جي ايجنڊا جي طور تي پيش ناهي  ڪيو ويو.مشرف جي خلاف ڪيس ٻڌندڙ خاص عدالت جي جوڙجڪ ڪابينه جي منظوري کان سواءِ ٿي آهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل جو چوڻ هو ته خاص عدالت جي جوڙجڪ جي لاءِ ججن جي مقرري جي معاملي تي ٻيهر ڪابينه جي ميٽنگ ٿي 8 مئي 2018 تي خاص عدالت جي هڪ جج جي مقرري جو معاملو ڪابينه ۾ بحث هٺ آيو.21 آۡڪٽوبر تي جسٽس ياور علي رٽائرڊ ٿي ويو ۽ خاص عدالت ٻيهر ٽٽي  وئي.  لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرمنل لا اسپيشل ڪورٽ ترميم ايڪٽ 1976ع جي قلم 4 کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 6 ماضيءَ جي قدمن سان لاڳو نٿو ٿئي.عدالت چيو آهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جو ڪيس به قانون پٽاندڙ نه ٺاهيو ويو.  جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوط ڪري ورتو جنهن کي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ ٻڌايو ويو.واضح رهي ته خاص عدالت ڪجهه عرصو اڳ سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي هئي. بينچ جي ٻن ميمبرن فيصلي جي حمايت جڏهن ته هڪ ميمبر ان جي مخالفت ڪندي پرويز مشرف کي آزاد ڪيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے