نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ حڪومت جون گڊز ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪامياب، هڙتال ختم

سنڌ حڪومت جون گڊز ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪامياب، هڙتال ختم

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جون گڊز ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪامياب، هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادرشاهه ماڙي پور ٽرڪ اسٽينڊ وٽ ٽرانسپورٽرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽرن جا مطالبا جائز آهن، سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن جا سمورا صوبائي مطالبا مڃي ورتا آهن، باقي 90 فيصد انهن جا وفاق سان مسئلا آهن.سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن جي مطالبي تي ڊرائيوري لائسنس جو شعبو ٽريفڪ پوليس کان واپس وٺي سنڌ اسميبلي مان قانونسازي ڪرائي ٽرانسپورٽ کاتي جي حوالي ڪيو ويندو،ڊرائيوري لائسنس جو اختيار ٽريفڪ پوليس وٽ نه پر ٽرانسپورٽ کاتي وٽ هجڻ گهرجي، روٽ پرمٽ جي فيس بابت ڪميٽي بڻائي ڇڏي آهي گهٽ ۾ گهت جيڪا فيس طئي ٿيندي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اويس شاهه چيو ته ٽرانسپورٽرن جا روٽ پرمٽ، فٽنس ۽ ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا، ملڪ جون موجوده معاشي حالتون هڙتالن ۽ نقصانن جي اجازت نٿيون ڏين، ٽرانسپورٽرن جو وڏو مطالبو مراد سعيد کي هٽائڻ جو آهي، وزيراعظم بني گالا مان نڪري ٽرانسپورٽرن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪرائي، لڳي ٿو وفاقي وزير اڃا تائين حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ جي صدمي مان ناهن نڪتا.وفاق ۾ ويٺل نالائق وزيرن کي مسئلا حل ڪرڻ جو ڪوبه تجربو ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق جيان معاملن کي الجهائڻ تي يقين نٿي رکي، وزيراعلي سنڌ ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل ڪرڻ جو هدايتون ڏنيون آهن،8 ڏينهن جي هڙتال سان ملڪ جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، موجوده حڪومت ملڪ کي مسائلستان بڻائي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت اڃا تائين ٽرانسپورٽرن جا مطالبا ناهن مڃيا. ٽرانسپورٽرن جي صدر محمد اسلم چيو ته حڪومت اسان جا مطالبا مڃي ورتا آهن، سالن کان اسان جا ڪم نه پيا ٿين اڄ منظور ٿي ويا آهن،هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواني ۽ ڊي آئي جي ٽريفڪ جاويد مهر ۽ تمام ٽڙانسپورٽ تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے