نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اليڪشن ڪميشن بابت آئيني شقن ۾ وڌيڪ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش

اليڪشن ڪميشن بابت آئيني شقن ۾ وڌيڪ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن بابت آئيني شقن ۾ وڌيڪ ترميم وارو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو.چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر عبدالقيوم اليڪشن ڪميشن بابت آئين جي آرٽيڪلز 213 ۽ 215 ۾ وڌيڪ ترميمن جو بل پيش ڪيو.تجويز ڪيل ترميم ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو معاملو سپريم ڪورٽ جي حوالي ٿيڻ گهرجي.حڪومت طرفان اليڪشن ڪميشن بابت بل جي مخالفت ڪئي وئي آهي.حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ميمبرن ۽ چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري بابت معاملي تي اسان بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، هي معاملو سپريم ڪورٽ جي بدران پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے