نڪور خبرون
Home / سنڌ / خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست سکر بينچ ڏانهن اماڻي وئي

خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست سکر بينچ ڏانهن اماڻي وئي

سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست سکر بئنچ ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اهڙي درخواست سکر بئنچ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي آهي. خورشيد شاهه جي وڪيل ٻڌايو آهي ته ضمانت واري درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ 14 جنوري تي ٻڌندي، جڏهن ته خورشيد شاهه جي ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ ضمانتي بانڊ تي آزادي واري احتساب عدالت جي فيصلي کي نيب چئلينج ڪيو هو، ان درخواست جي ٻڌڻي به 16 جنوري تي هاءِ ڪورٽ سکر ۾ رکيل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے