نڪور خبرون
Home / پاڪستان / احتساب جو عمل سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي : ِڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

احتساب جو عمل سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي : ِڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ س ماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اوورسيز پاڪستاني وزيراعظم جي نئين پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پرعزم آهن ڪاروبار ۾ آساني، سيڙپڪارن لاءِ سهولتون وزيراعظم جون ويزن آهي سڄي دنيا مان سيڙپڪار ۽ سياح پاڪستان ڏانهن مائل ٿي رهيا آهن پيڙيل طبقي کي گهر ڏيڻ وزيراعظم جو پڪو ارادو آهي راڻا ثناءُ الله جو ڪيس عدالت ۾ آهي عوام کي گمراهه نه ڪريو تحريڪ انصاف جو منشور ٻه نه پر هڪ پاڪستان آهي احتساب جو عمل سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي  احتساب کانسواءِ معاشرو جهنگ جو قانون بڻجي وڃي ٿو حقدارن جو هڪ لٽيندڙن جو حساب ضرور ٿيندو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد جلد پنهنجي انجام تي پهچندا ڇنڇر تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪيپيٽل سمارٽ سٽي رٿا سان هڪ لک ماڻهن کي روزگار ملندو، گهرن جي رٿائن سان لاڳاپيل 40 صنعتن کي هٿي ملندي هن چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڏهه ارب ڊالرز جي سيڙپ ٿيندي اميد آهي ته اوورسيز پاڪستاني ملڪ جي قسمت جاڳائڻ ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ وڌائيندا هن چيو ته منصوبي ۾ مقامي هنرمند ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. هنرمند پاڪستان پروگرام ۾ مدرسن جي ٻارڙن کي به شامل ڪيو ويو آهي هن چيو ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته هڪ اڀرندڙ ۽ روشن پاڪستان دنيا کي ڏيکارڻو آهي اوورسيز پاڪستاني ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ چاهين ٿا راڻا ثناءُ الله ضمانت تي آزاد ٿيو آهي اڃا سندس بيگناهي ثابت ناهي ٿي راڻا ثناءُ الله پنهنجي ناراضگي ۽ ڪاوڙ پنهنجي قيادت تي ڪڍي ليگي قيادت پنهنجي ڪارڪنن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ان جا ذميوار اسان ناهيون هن چيو ته وزيراعظم نظام ۾ تبديلي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهيو آهي هن چيو ته قانون ۽ انصاف جي نظام ۾ موجود ڪمزورين مان طاقتور طبقو فائدو وٺي ٿو وزيراعظم جو عوام سان واعدو آهي ته مدي خارج نظام کي تبديل ڪنداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے