نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / والاريل ڪشمير ۾ پيراملٽري فورس تي بم حملو، ڪشميري نوجوان گرفتار

والاريل ڪشمير ۾ پيراملٽري فورس تي بم حملو، ڪشميري نوجوان گرفتار

سرينگر(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پوليس سرينگر جي ايس ايم ايڇ ايس اسپتال مان هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پوليس نثار احمد ڊار نالي نوجوان کي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات اسپتال تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيو. نثار احمد کي ان کان اڳ به 2 ڀيرا 2016ع ۽ 2017ع ۾ ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو هو. هوڏانهن والاريل ڪشمير ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڇنڇر تي سرينگر ۾ ڀارتي سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي آر پي ايف) جي اهلڪارن تي دستي بم حملو ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سي آر پي ايف اهلڪارن تي سرينگر جي علائقي ڪائوڊاره ۾ دستي بم اڇلايو ويو جڏهن ته ڪنهن به اهلڪار جي زخمي يا فوت ٿيڻ جا فوري طور ڪي به اطلاع ناهن مليا. حملي کان پوءِ ڀارتي فوس جي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي حملو ڪندڙن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے