نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم جي صلاحڪارن جو وزيرن وارو اسٽيٽس غير قانوني آهي، مقرريون سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

وزيراعظم جي صلاحڪارن جو وزيرن وارو اسٽيٽس غير قانوني آهي، مقرريون سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪارن ۽ معاونن جي مقررين جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.آئيني درخواست سماجي ڪارڪن محمود اختر نقوي ڪراچي رجسٽري ۾ داخل ڪئي جنهن ۾  ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، شهزاد اڪبر، فردوس عاشق اعواڻ، نعيم الحق، عثمان ڊار، نديم افضل چن، زلفي بخاري، ثانيه نشتر، افتخار دراني، معيد يوسف ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي آهي ته سمورا صلاحڪار ۽  خاص معاون جي صادق ۽ اهل هجڻ جي تصديق ڪئي وڃي.معاون ۽ صلاحڪارن کي قومي ناڻي مان پگهار ۽  ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ جو حق ناهي.  صلاحڪارن ۽ معاونن کي هڪ وزير جو اسٽيٽس حاصل آهي جيڪو قانون جي خلاف آهي. سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته سمورن صلاحڪارن ۽  خاص معاونن کي عهدن تان هٽايو وڃي.درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي آهي ته  مذڪوره ماڻهن جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ۽ قومي سلامتي  جي خاص معاون معيد يوسف جي مقرري تي خاص طور تي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سمورن صلاحڪارن ۽ خاص معاونن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ، آئنده سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عهدي کان روڪڻ ۽ درخواست داخل ٿيڻ تائين کين ملندڙ مراعتون گاڏيون ۽ آفيس واپس وٺڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته اهڙي قسم جي هڪ درخواست  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به داخل آهي جنهن ۾ 15  خاص معاونن جون مقرريون چيلنج ڪيون ويون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے