نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي پارلياني پروسيجر کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي: راڻا ثناءُ

آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي پارلياني پروسيجر کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي: راڻا ثناءُ

لاهور( م ڊ) منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير رانا ثناءُالله جي خلاف 15 ڪلو هيروئن هٿ اچڻ واري ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.منشيات جي خاتمي واري عدالت جي جج شاڪر حسن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. رانا ثناءُالله طرفان ايڊووڪيٽ فرهاد علي شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي. منشيات جي انت واري فورس(اي اين ايف) طرفان ضمني چالان عدالت ۾ پهريان پيش ڪيو ويو هيو.، ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نوازشريف جو پيغام جمهوري آهي، ان ۾ سمورين سياسي پارٽين جي عزت آهي، هن  چيو ته قومي معاملن تي تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي پارلياني پروسيجر  کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيوته هي ڪيس وڊيو سامهون اچڻ تائين اڳتي هلي نٿو سگهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے