نڪور خبرون
Home / رانديون / گذريل سال پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو: بابر اعظم

گذريل سال پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني  رانديگر بابر اعظم چيو آهي ته سال 2019 منهنجي لاءِ بهترين رهيو ان دوران مون  سمورين ڪنڊيشنن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو هنر سکيو.بورڊ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل انٽرويو ۾ بابر اعظم چيو آهي ته گذريل سال مون کي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو جنهن سبب مان  تمام گهڻو خوش هئس.ايونٽ  ۾ 67.71 جي اوسط سان 474 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم جو چوڻ آهي ته مان ننڍپڻ ۾ ئي ورلڊ ڪپ جا ميچ تمام گهڻي شوق سان ڏسندو هئس. قومي اسڪواڊ ۾ چونڊجڻ کان پوءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو هو. ميگا ايونٽ ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف 101 جي اننگز کي هن يادگار قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته دٻاءُ جي صورتحال ۾ مون کي بهترين نتيجا ڏيڻ جو موقعو مليو.قومي رانديگر  گذريل سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به پنهنجي پرفارمنس کي به اطمينان بخش قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن کان ٽيسٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيو آهيان پر ڪوتاهين تي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان ۽ منهنجي اعتماد ۾ به اضافو ٿيو آهي.  ياد رهي ته بابر اعظم آسٽريليا جي خلاف سينچري کي  گذريل سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾  پنهنجي بهترين اننگز قرار ڏنو هو.هن وڌيڪ چيو ته هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ کيڏڻ تي منهنجي مٿان ڪوبه اضافي دٻاءُ نه هو پر ان دوران ڪرڪيٽ جي شوقينن منهنجي تمام گهڻي سپورٽ ڪئي. قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ منهنجي لاءِا عزاز آهي. پاڪستان هلندڙ سال آءِ سي سي ايونٽ ۾ بهترين نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق پاران قلندرز ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي بالنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے