نڪور خبرون
Home / شوبز / شهروز ۽ سائره وچ ۾ طلاق ناهي ٿي: بهروز سبزواري

شهروز ۽ سائره وچ ۾ طلاق ناهي ٿي: بهروز سبزواري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اداڪار جوڙي شهروز ۽ سائره وچ ۾ طلاق جون خبرون هلي رهيون هيون پر شهروز جي والد ۽ اداڪار بهروز سبزواري ان خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. سائره ۽ شهروز ٻئي پاڪستاني شوبز جا چمڪندڙ ستارا آهن ۽ ٻنهي جي جوڙي کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. پر هڪ شوبز ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته شهروز 6 مهينن کان پنهنجي گهرواري سائره سان گڏ نه پيو رهي ۽ ان کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ويب سائيٽ مطابق شهروز جو چوڻ آهي ته سائره ۽ ان جي وچ ۾ ذاتي نوعيت جا اختلاف آهن جيڪي حل نه ٿي سگهيا آهن. ٻئي طرف شهروز جي والد ۽ اداڪار بهروز سبزواري پٽ ۽ ننهن وچ ۾ علحيدگي وارين افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سائره ۽ شهروز وچ ۾ طلاق ناهي ٿي. هن چيو ته جهڳڙو ڪنهن گهر ۾ ناهي ٿيندو ڇا ٻنهي ۾ معمولي ناراضگي آهي جيڪا جلد ختم ٿي ويندي. ڪجهه ٽوئٽر صارفين دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي وچ ۾ علحيدگي ٿي وئي آهي جنهن جو ڪارڻ شهروز جو هڪ ماڊل ۽ اداڪاره سان افيئر آهي. ياد رهي ته اداڪار شهروز سبزواري ۽ سائره 2012 ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي ان وقت اداڪاره جي عمر 18 جڏهن ته شهروز جي عمر 19 سال هئي جڏهن ته اداڪار جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد به آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے