نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / افغان طالبان جنگبندي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

افغان طالبان جنگبندي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪابل(مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان آمريڪي ميڊيا  تي هلندڙ جنگبندي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪائونسل جي اجلاس ۾ افغانستان ۾ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب طالبان اڳواڻ جنگبندي جي منظوري اڃان ناهي ڏني پر جنگبندي آمريڪا سان گڏ امن معاهدي تي صحيحن کان پوءِ ٿيندي.آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ ڳالهين واري ٽيم قطر جي لاءِ روانو ٿي وئي  آهي ۽ امن معاهدي تي صحيح جي ٻن هفتن جي اندر انٽر افغان ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.امن معاهدي جو بنيادي نڪتو افغان متحارب گروپن جي وچ ۾ سڌوسنئون ڳالهيون آهي ۽ عارضي جنگبندي جي تجويز آمريڪا جي افغانستان ۾ امن بابت خاص نمائندي زلمي خليل زاد ڳالهين جي گذريل دورن ۾ پيش ڪئي  هئي.ٻئي طرف قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي  جنگبندي جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے