نڪور خبرون
Home / سنڌ / باربار آئين ٽوڙيندڙن جو احتساب ته ٿيندو، تاريخي فيصلو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

باربار آئين ٽوڙيندڙن جو احتساب ته ٿيندو، تاريخي فيصلو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

گهوٽڪي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته باربار آئين ٽوڙيندڙن جو احتساب ته ٿيندو، مشرف خلاف عدالت جو تاريخي فيصلو آيو آھي، ۽ پهريون ڀيرو اهڙو فيصلو آيو آھي اسان به ان فيصلي جو جائزو وٺون پيا، خبرموجب پ پ چرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي ڀرسان عادلپور ۾  صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي والده جي وفات تي تعزيت لاء ڄام هائوس پهتو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته باربار آئين ٽوڙيندڙن جو احتساب ته ضرور ٿيڻون هو هن چيو ته پرويز مشرف خلاف جيڪو عدالتي فيصلو آيو آھي اهو تاريخي فيصلو آھي جيڪو پهريون ڀيرو آيو آھي هن چيو ته اسان به فيصلي جو تفصيلي جائزو پيا وٺئون ۽ اسان 2007 ۾ ئي چيو هو ته جمهوريت بهترين انتقام آھي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ معاشي بحران جي ور چڙھي ويو آھي ۽ عمران خان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي سگهه ئي نٿو رکي ۽ معاشي بحران سبب لکين ماڻھون بيروزگار ٿيا آھن، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي واحد جماعت آھي جيڪا ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي ۽ بهتر حڪمراني پڻ ڪري سگهي ٿي،

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے