نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ٽرمپ پنهنجي خلاف مواخذو جعلي قرار ڏئي ڇڏيو
Mandatory Credit: Photo by Evan Vucci/AP/Shutterstock (10434333bm) Donald Trump, Sauli Niinisto. President Donald Trump speaks during a meeting with Finnish President Sauli Niinisto in the Oval Office of the White House, in Washington Trump, Washington, USA - 02 Oct 2019

ٽرمپ پنهنجي خلاف مواخذو جعلي قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجي خلاف مواخذي جو سڄو عمل جعلي آهي ۽ کاٻي ڌر جي انتهاپسند ڊيموڪريٽس نفرت جي پارٽي بڻجي وئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته منهنجو مواخذو مون سان ناانصافي آهي منهنجي مواخذي جو سڄو عمل جعلي آهي. کاٻي ڌر جي انتهاپسند ڊيموڪريٽس نفرت جي پارٽي بڻجي وئي آهي جڏهن ته ڊيموڪريٽس بيڪار ۽ آمريڪا لاءِ تمام خطرناڪ آهي. ٽوئٽر تي صدر ٽرمپ جي ٽيم طرفان چيو ويو آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو ڊيموڪريٽس ان متعلق پنهنجي بيان کان هٽي وئي آهي. ڊيموڪريٽس چيو هو ته مواخذي جي ڪارروائي غير جانبدار هوندي پر هو هاڻي مڪمل طور جانبدارانه ڪارروائي ڪري رهي آهي. ٽرمپ ٽيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا جي ڪنهن به صدر ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو ٽرمپ ڪيو آهي. ڊيموڪريٽس صرف ڊونلڊ ٽرمپ کي ان جي عهدي تان هٽائڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان کي معلوم آهي ته 2020 جي اليڪشن ۾ به هو ٽرمپ کي شڪست نه ٿا ڏئي سگهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ خلاف مواخذي جي ڪارروائي ٻڌندڙ جوڊيشري ڪميٽي صدر ٽرمپ جي مواخذي جي منظوري ڏني هئي. مواخذي جي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن بعد باضابطه ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے