نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / بنگلاديش ۾ فيڪٽري کي باهه، 8 پورهيت سڙي فوت، 24 زخمي

بنگلاديش ۾ فيڪٽري کي باهه، 8 پورهيت سڙي فوت، 24 زخمي

ڊهاڪا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنگلاديش مگادي واري شهر ڍاڪا ويجهو هڪ غير قانوني پلاسٽڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 8 ڪارڪن مري ويا ۽ 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڍاڪا جي اتر ۽ اولهه پاسي ڪيراني گنج ۾ پرائيم پينٽ جي نالي سان قائم فيڪٽري ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن گرائوند فلور کي وڪوڙي ورتو. مقامي پوليس جي شاهه زمان ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه سبب هڪ ڪارڪن ٿڏي تي مري ويو جڏهن ته 33 ڪاڪن سڙي پيا انهن کي ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو ويو انهن مان 7 ڪارڪن زخمن جا سور نه سهندي مري ويا جڏهن ته فائر فائٽر کي ڪنٽرول ڪرڻ م ٽي ڪلاڪ لڳي ويا ڊاڪٽر موجب زخمين جو اڌ کان وڌيڪ جسم سڙي ويو آهي ان ڪري خدشو اهي ته وڌيڪ فوتگيون ٿين

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے