نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، رهائي جو حڪم

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، رهائي جو حڪم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. کيس هڪ ڪروڙ رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي به ٻڌڻي ٿي. آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي آهي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانه ميڊيڪل رپورٽ پڙهڻ لڳو. چيف جسٽس ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته ڀروانه صاحب! ميڊيڪل رپورٽ وڏي آواز ۾ پڙهو. اُن کانپوءِ نيب پراسيڪيوٽر اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ڊگهي عرصي کان دل، شُگر ۽ ٻين عارضن ۾مبتلا آهي، سندس سرجري جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي. جاچ ته ٿئي نٿي، ڇو نه ضمانت ڏيون؟ چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کان پُڇيو ته ڇا نيب ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪري ٿو؟ ڇا هن ميڊيڪل رپورٽ سان گڏ آصف زرداري کي حراست ۾ رکي سگهجي ٿو؟ آصف زرداري کان جاچ ته ڪا نه پئي ٿئي، ڇو نه کيس ضمانت ڏني وڃي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته آصف زرداري خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ٽرائل به هلي رهيو آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر طرفان ميڊيڪل رپورٽ پڙهڻ بعد آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته عدالت طرفان اڳوڻي صدر کي هڪ ڪروڙ رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے