نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اليڪشن ڪمشنر ۽ جي مقرري تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اليڪشن ڪمشنر ۽ جي مقرري تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جنهن سبب پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن توڙي نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب اڄ گهرايل اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اهو اجلاس سڀاڻي خميس ڏينهن چيئرپرسن شيرين مزاري جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ هوندو. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ سينير مشاهد الله خان جو چوڻ هو ته پارلياماني ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري جو فيصلو گڏ ٿيندو پر هاڻ حڪومت جو اهو موقف آهي ته اڳ ۾ ٻن ميمبرن جي مقرري تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اسان حڪومت کي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ٽئي مقرريون گڏ ٿينديون، جيڪڏهن حڪومت صوبي مان به اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وٺڻ چاهي ٿي ته اسان جو شرط آهي چيف اليڪشن ڪمشنر گڏيل هجي، اسان وٽ مينڊيٽ آهي پر حڪومتي ميمبرن کي هر ڳالهه وزيراعظم کان پڇڻي پوندي آهي، وزيراعظم جو رويو غير سنجيده آهي.مشاهد الله خان موجب حڪومت کي بابر يعقوب کي نامزد ئي نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته هو موجوده سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آهي، هو 2018 جي عام چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو ذميوار آهي، جيڪو اهو ئي نه ٻڌائي سگهيو ته آر ٽي ايس ڪيئن فيل ٿيو، اپوزيشن سندس چيف اليڪشن ڪمشنر طور مقرري تي ڪڏهن به راضي نه ٿيندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے