نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي جي آبادي جي معاملي تي انگن اکرن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي جي آبادي جي معاملي تي انگن اکرن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينيئر ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي جي معاملي تي انگن اکرن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، بهادر آباد ڪراچي ۾ هن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينيئر عامر خان ۽ منور نويد جميل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي کي مني پاڪستان چيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ ٽيڪس ڏيندڙن مان 83 سيڪڙو دڪاندار ڪراچي جا آهن، اهو چيو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ پشتون، پنجابي ۽ بلوچ گهڻا آهن پر سنڌ جي شهري علائقن سان فرق وارو ورتاءُ ٿيندو رهيو، ڪوٽا سسٽم ۾ ورڇ رڳو سنڌ لاءِ آهي، ڪجهه اهڙيون ناانصافيون آهن جيڪي ڏوهن جي برابر آهن، آدمشماري سميت ڪيترائي ڪيس اعليٰ عدالتن ۾ پيا آهن، جتي آبادي ناهي اتي آدمشماري ۾ ووٽر ڄاڻايا ويا آهن، هن چيو ته 70 سالن کان ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي اچي رهيا آهن پر حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪراچي جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، گذريل آدمشماري ۾ ته حد ڪئي وئي، جتي آبادي ناهي اتي ووٽرز وڌيڪ ٻڌايا ويا، جڏهن آبادي ناهي ته ڇا گوسٽ ووٽرز ايندا، نادرا جو رڪارڊ موجود آهي، ڀل جنهن کي وڻي اهو ڏسي، نادرا ۽ آدمشماري رڪارڊ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، سينٽرل ضلعي ۾ آبادي گهٽ آهي پر سڃاڻپ ڪارڊ وڌيڪ جاري ڪيا ويا، پريس ڪانفرنس ڪندي عامر خان چيو ته ڪراچي جي آبادي ڄاڻي واڻي گهٽ ڏيکاري وئي، قومي اسيمبلي جي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن آدمشماري جي آڊٽ لاءِ آواز اٿاريو پر اڄ تائين ٿرڊ پارٽي آڊٽ نه ڪرائي وئي، پاڪستان کي ڪمائي ڏيندڙ شهر جي آبادي صحيح نموني سان ڳڻڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے