نڪور خبرون
Home / رانديون / اظهر علي جي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جي ڪرسي لوڏن ۾ اچي وئي

اظهر علي جي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جي ڪرسي لوڏن ۾ اچي وئي

لاهور(اسپورٽس نيوز) اظهر علي جي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جي ڪرسي لوڏن ۾ اچي وئي آهي. سريلنڪا سان سيريز مستقبل جو فيصلو ڪندي، نتيجا ۽ انفرادي ڪارڪردگي سٺي نه رهي ته بابر اعظم کي چانس ڏيڻ جو امڪان آهي. ايندڙ سال 19 فيبروري تي 35 هين سالگرهه ملهائيندڙ اظهر علي تي قسمت اوچتو مهربان ٿي وئي. مينٽور مصباح الحق جي چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ ٿيڻ بعد اظهر علي کي پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو پر آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ناقص ڪارڪردگي سبب کيس هٽائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته اظهر علي هٽائي سندس جاءِ تي بابر اعظم کي ڪپتان بڻايو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪري چڪو آهي ته آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شامل پاڪستاني رانديگرن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي، جن تجربو حاصل ڪيو، ڪپتانن کي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ موقعو ڏنو ويندو، جنهن بعد کين برقرار رکڻ يا هٽائڻ جو فيصلو ممڪن آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد حق ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد  حق عالمگير وبا ڪورونا وائرس جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے