نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نوازشريف ضمانت بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

نوازشريف ضمانت بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ن ليگي قائد ميان نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيا ريفرنس ۾ سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي اپيل ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جو 25 فيبروري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث درخواست داخل ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانون ۾ ڏنل اختيارن کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ فيصلو ڏيندي پنهنجي اختيارن جي استعمال ۾ غلطي ڪئي، عدالت ضمانت جي اصولن کي نظر ۾ نه رکيو ۽ سپريم ڪورٽ جي طئي ڪيل حدن جو غلط اطلاق ڪيو، هاءِ ڪورٽ فرض ڪري ورتو ته نواز شريف کي اسپتال ۾ علاج جون سهولتون ميسر آهن، جڏهن ته ان جو گهربل علاج به شروع ناهي ٿيو. پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته العزيزيا ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطل ڪري کيس ضمانت ڏني وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے