نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي هڪ هفتي کانپوءِ بازياب

ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي هڪ هفتي کانپوءِ بازياب

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب ٿي گهر پهچي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واٽ ويندي اغوا ٿيل ناري دعا منگي هڪ هفتي کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي وئي آهي. دعا منگي خيريت سان آهي ۽ هوءَ صحيح سلامت گهر پهتي آهي. واضح رهي ته دعا منگي کي هڪ هفتو اڳ ڊفينس واري علائقي مان واٽ ويندي اغوا ڪيو ويو هو. اُن حوالي سان ناري دعا منگي جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نه ٿي سگهيو. دعا منگي جي بازيابي ڪيئن ٿي؟ اُن بابت پوليس به ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته ڪيس جي حوالي سان جاچ جاري آهي، في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي. دعا منگي اڄ بازياب ٿي گهر پهتي آهي، جلد بازيابي جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌايا ويندا. ٻئي پاسي دعا منگي جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نه ٿي سگهيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے