نڪور خبرون
Home / پاڪستان / چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ شهباز جو عمران ڏانهن وري خط

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ شهباز جو عمران ڏانهن وري خط

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي هڪ دفعو ٻيهر خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي جلد کان جلد مقرري تي زور ڏنو آهي.پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري لاءِ 3 نالا وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن. شهباز شريف جي طرفان موڪليل نالن ۾ ناصر محمود کوسه، جليل عباس جيلاني ۽ اخلاق احمد تارڙ شامل آهن. شهباز شريف وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته منهنجي طرفان موڪليل نالا هن عهدي لاءِ مناسب ۽ اهل آهن.بنا ڪنهن دير جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ هي 3 نالا غور هيٺ آندا وڃن. ان اميد سان اوهان ڏانهن هي 3 نالا موڪلي رهيو آهيان ته مون کي جلد کان جلد ان جو جواب ملندو. شهباز شريف خط ۾ چيو آهي ته 6 ڊسمبر تي چيف  اليڪشن ڪمشنر جي 5 سال آئيني مدت مڪمل ٿي رهي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر هڪ يا ٻين ميمبرن جي مقرري نه ٿئي ته اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندو جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 213 ٽو اي جي تقاضا آهي ته وزيراعظم اپوزيشن سان مشورا ڪري.شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي  خط ۾ چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ اوهان کي هن معاملي ۾ پهريان کان ئي صلاح مشورا شروع ڪرڻ گهرجن ها. اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري کي غير فعال ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ٻيهر مشوري جو عمل شروع ڪري رهيو آهيان. اميد آهي ته اوهان ان ماڻهن جي اهليت ۽ قانون موجب غور ڪندا.وڌيڪ وضاحت يا ڄاڻ گهربل هجي ته اها به اوهان کي ڏني ويندي. شهباز شريف خط ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ اتفاق راءِ تي گڏيل مشورا ضروري آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے