نڪور خبرون
Home / سنڌ / وڏي وزير پاران بھادر آباد ۾ انڊر پاس پل جو دورو، ھلندڙ ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪياويندا: مراد علي شاھ

وڏي وزير پاران بھادر آباد ۾ انڊر پاس پل جو دورو، ھلندڙ ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪياويندا: مراد علي شاھ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ، وزيراطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني ۽ مشير قانون سنڌ مرتضي وھاب بھادر آباد ۾ انڊر پاس پل جو دورو ڪيو.ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو تہ اسان جي ڪوشش آھي تہ ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪياويندا.جتي جتي عوام کي مشڪلاتن جي حل لاء نون  منصوبن جي ضرورت ھوندي اتي نون منصوبن تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪنداسين، وزير بلديات سيد ناصر شاھ چيو تہ لياري جي 12 اھم رستن تي ڪم تيزي سان جاري آھي، انھن مان ڪجھ رستن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي.ڪراچي ۾ روڊ رستن، سيوريج جو نئين سر تعمير سميت مختلف منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آھي، وزير اطلاعات ۽ محنت سعيد غني چيو تہ ٻن انڊر پاس پلن مان ھڪ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ جلد ھڪ ٻن ڏيھن ۾ انھن جو بہ افتتاح ڪيو ويندو.جڏھن تہ ٻئي زير تعمير انڊر پاس پل جو بہ ھن ئي مھيني ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو، ڪورنگي ۾ بہ زير تعمير ٻن انڊر پاس پلون بہ ھن ئي مھيني ۾ شھرين جي لاء کوليون وينديون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے