نڪور خبرون
Home / پاڪستان / منهنجي نظر ۾ آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي: پرويز مشرف

منهنجي نظر ۾ آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي: پرويز مشرف

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي،منهنجي طبيعت خراب آهي، ڪيس ۾ ڪميشن منهنجو بيان رڪارڊ ڪري. دبئي ۾ جي اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر پرويز مشرف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ آئين ٽوڙڻ جو ڪيس بي بنياد آهي، غداري کي ڇڏيو، مون ملڪ لاءِ جنگيون وڙهيون آهن، 10 سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته منهنجي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، چڪر اچڻ بعد بيهوش ٿي ويس ته مونکي اسپتال آندو ويو، ڪميشن منهنجو بيان رڪارڊ ڪري. ڪيس ۾ زيادتي ٿي آهي، عدالت ۾ منهنجي وڪيل کي نه ٻڌو ويو. هن چيو ته اميد آهي ته مون کي عدالت مان انصاف ملندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے