نڪور خبرون
Home / سنڌ / بلڊر جو وس پُڄي ته ڪراچي جا قبرستان به وڪڻي ڇڏين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

بلڊر جو وس پُڄي ته ڪراچي جا قبرستان به وڪڻي ڇڏين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ بلڊرز طرفان شهرين سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بلڊر جو وس هلي ته ڪراچي جا قبرستان به وڪڻي ڇڏي، عوام کي لُٽڻ بعد مٿي تي ٽوپي رکي معصوم مهانڊو ٺاهي ويهي رهندا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سلور سينڊرز ڪلفٽن جي منصوبي جي نالي تي 6 سئو شهرين سان فراڊ واري ڪيس ۾ بلڊر سڪندر عبدالڪريم جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت متاثرن کي رقم جي واپسي لاءِ نيب سان سڌي ريت رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اُن وقت شهري بلڊر جي مٺين مٺين ڳالهين ۾ اچي ويندا آهن، بلڊر جو وس هلي ته ڪراچي جا قبرستان به وڪڻي ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ پارڪس ۽ نالن تي به پلازه ٺاهيا ويا آهن، بلڊرز عوام کي لُٽڻ بعد مٿي تي ٽوپي رکي معصوماڻو مهاندو ٺاهي ويهندا آهن. جوابدار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته متاثرن مان ٽن ڄڻن کي رقمون واپس ڪري ڇڏيون آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 1992ع ۾ جيڪا رقم ملي، اُن جو مارڪ اپ به ڏيڻو پوندو، 30 سالن کان ماڻهو ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. عدالت نيب کان 18 ڊسمبر تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے