نڪور خبرون
Home / شوبز / شادي ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس: صبا قمر

شادي ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس: صبا قمر

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره صبا قمر چيو آهي ته اڃان شادي جو سوال وقت کان اڳ آهي ۽  جڏهن شادي  ڪرڻ جو فيصلو ڪندس ته ان باري ۾ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس.هن چيو ته مان تمام جلد سڀني  مداحن کي سرپرائز ڏيڻ واري آهيان. هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر چيو ته ڊگهي عرصي کان منهنجي شادي جي حوالي سان مختلف افواهون هلي رهيون آهن ۽ مان سنجيدگي سان شادي جي حوالي سان سوچي رهي آهيان پر اهو نٿي ٻڌائي سگهان ته شادي ڪهڙي وقت ڪندس.هن  چيو ته جڏهن شادي ڪندس ته ميڊيا سميت سمورن ماڻهن کي ان بابت آگاهه ڪندس. هن ٻڌايو ته شوبز ۾ شادين جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ شاديون ڪامياب به ٿي رهيون آهن.هن چيو ته مان اهو نٿي ٻڌائي سگهان ته مان شادي جي لاءِ شوبز يا شوبز کان ٻاهر ڪنهن ماڻهو جي چونڊ ڪندس پر مان جنهن شخص سان شادي ڪندس ان جو مخلص هجڻ ضروري آهي ۽ هو مون کي شوبز ۾ ڪم ڪرڻ جي خوشي سان اجازت ڏئي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے