نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ جي قومي ڪاڄ جون تياريون مڪمل، مختلف شهرن ۾ ريليون مڇ ڪچهريون، ثقافتي رنگ

سنڌ جي قومي ڪاڄ جون تياريون مڪمل، مختلف شهرن ۾ ريليون مڇ ڪچهريون، ثقافتي رنگ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌي ميڊيا پاران پهرين ڊسمبر تي اعلانيل ”هڪ سنڌ، هڪ ثقافت“ جي عنوان هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي  آجيان ڪنندي گڏاپ پريس ڪلب جي صدر راجا ادريس ,چيئرمين ميرعلي گوهر بلوچ جي قيادت ۾ گڏاپ پريس ڪلب  جي ٽيم روزاني واڪا  جي هيڊ آفسي پهچي سموري سٿ کي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا  ۽ ان موقعي تي ڳالهائينيد ميرعلي بلوچ چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي شاهوڪار ۽ عظيم ثقافت آهي، جيڪا اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. سنڌي ميڊيا پاران پهرين ڊسمبر کي ثقافتي ڏينهن ڪري ملهائڻ واري عمل دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڪروڙين دلين کي خوش ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسين به ان ڏينهن کي عيد جي ڏينهن جيان ملهائينداسين. هن چيو ته سنڌي ميڊيا جي ٻرندڙ اشوز تي جرئت مندي ۽ بهادري سان رپورٽ ڪري اعليٰ ايوانن ۽ عالمي ادارن تائين مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ اسين کين سلام پيش ڪريو ٿا ۽ ان موقعي تي خالد حسين سامٽيو ,عباس جتوئي ,نواب ٻگهيو,جي رام پڻھار,اسد جتوئي ,سعيد احمد چانڊيو ۽ مير ڪامران گوهربلوچ ساڻن گڏ ھئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے