نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / پاڪستان ڀارت کان ڪا جنگ نه ٿو کٽي سگهي:راج ناٿ

پاڪستان ڀارت کان ڪا جنگ نه ٿو کٽي سگهي:راج ناٿ

نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان  ڀارت کان ڪابه روايتي جنگ نٿو کٽي سگهي. پونا جي نيشنل ڊفينس اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه چيو ته پاڪستان پنهنجو پراڪسي وار جو شوق پورو ڪري رهيو هو ڇو ته ان کي خبر پئجي چڪي آهي ته هو اسان کان روايتي جنگ نٿو کٽي سگهي. هن چيو ته پاڪستان پراڪسي وار جو رستو پاڻ چونڊ ڪيو جنهن ۾ ان کي صرف شڪست ٿيندي. ڀارتي بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان 1948ع کان ئي اها حقيقت ڄاڻي چڪو هو ۽ پوءِ 1965-71 ۽ 99 جي جنگين ذريعي هو ڀارت کان ڪابه روايتي يا محدود جنگ نٿو کٽي سگهي. راج ناٿ سنگهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ذريعي پراڪسي وارو جو رستو چونڊ ڪيو پر مان  مڪمل ذميواري سان اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته پاڪستان کي سواءِ شڪست جي ٻيو ڪجهه نه ملندو. هن چيو ته ڀارت جا هميشه جيان ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن. ڀارت جا ڪڏهن به اضافي علاقائي مقصد ناهن رهيا. پر جيڪڏهن ڪا به اڳڀرائي ٿئي ته اسان ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. ڀارتي بچاءُ واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي خودمختاري ۽ پنهنجي ملڪ جي شهرين جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون پر ڪوبه ماڻهو اسان جي زمين تي دهشتگرد ڪيمپون ٺاهي يا پوءِ حملن ۾ ملوث هوندو ته اسان  چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته ان کي ڪيئن جواب ڏيڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے