نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آرمي چيف کي 6 مهينن تائين مشروط واڌ ڏيڻ جي منظوري، پارليامينٽ ۽ حڪومت قانونسازي ڪري: چيف جسٽس

آرمي چيف کي 6 مهينن تائين مشروط واڌ ڏيڻ جي منظوري، پارليامينٽ ۽ حڪومت قانونسازي ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 6 مهينن لاءِ مشروط طور واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪراياحڪومت آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي ٻڌڻيءَ کانپوءِ سُپريم ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. فيصلي ۾ سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي اڳيان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو آيو، آرمي چيف جي مقرري کي چئلينج ڪيو ويو هو. عدالت جي اڳيان آئين جي آرٽيڪل 243 جو مامرو آيو ۽ حڪومت آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهيقانونسازي جو مامرو پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته آرمي چيف جي ٻيهر مقرري واري مامري تي قانون خاموش آهي، اسان هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي، آرمي چيف جي مقرري 6 مهينن لاءِ هوندي ۽ اُنهي عرصي ۾ قانون ٺهڻ کانپوءِ مامرو کي وڌيڪ ڏٺو ويندو.اٽارني جنرل هڪ ڀيرو ٻيهر سُپريم ڪورٽ ۾ نئين سمري پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي آرٽيڪل 243 تحت نئين سر مقرري ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس سمري مان عدالت جو حوالو ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڻ ڪم ڪري ته مقرري قانوني آهي يا نه. عدالت جو ڪُلهو استعمال نه ڪيو وڃي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيا. جنهن دوران اٽارني جنرل طرفان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان هڪ ٻي ترميمي سمري پيش ڪئي، جيڪا گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس دوران تيار ڪئي وئي هئي. آئين جي آرٽيڪل 243 تحت ٻيهر مقرري ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار جي نمائندي اٽارني جنرل انور منصور سُپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 243 تحت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ٻيهر مقرري ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پُڇيو ته اڄ ٿيندڙ مقرري اڳوڻين مقررين کان ڪيئن مختلف آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نئين (اڄوڪي) مقرري آئين جي آرٽيڪل 243 (هڪ) تحت ڪئي وئي آهي. اسان جو ڪُلهو استعمال نه ڪريو چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اٽارني جنرل کي ڇچيو ته عدالت کي مطمئن ڪريو ته نئين ٿيندڙ مقرري ڪيئن صحيح آهي؟ سمري ۾ ته عدالتي ڪارروائي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، توهان پاڻ بار کڻو، اسان جي ڪُلهي کي استعمال نه ڪريو. اسان کي وچ ۾ نه آڻيو ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪريو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت جو نالو اِن ڪري استعمال ڪيو ويو ته اسان غلط به نه چئي سگهون. چيف جسٽس وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو ته سمري مان عدالت جو نالو ڪڍو ۽ جائزو وٺو ته آرمي چيف جي نئين سر مقرري قانوني آهي يا نه؟

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے