نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي: وزيراعظم
Prime Minister Imran Khan addressing during the Concluding Session of Envoys Conference on Africa, at Foreign Office in Islamabad on November 28, 2019

پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سُپريم ڪورٽ جو فيصلو پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ مشروط واڌ وارو سُپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اُنهن ماڻهن لاءِ مايوس ڪندڙ آهي، جيڪي ادارن ۾ ٽڪراءُ جي صورت ۾ ملڪ اندر عدم استحڪام جي خواهش ڪري رهيا هئاپرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا کي مايوسي وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو ۽ پرڏيهي دشمنن توڙي ملڪي مافيا کي مايوسي ٿي آهي. اُها مافيا ملڪي ناڻو لُٽي پرڏيهي موڪليو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري لٽيل ناڻي کي تحفظ ڏيڻ گهري ٿيسڀ کان پهرين اسان عدليه جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو وزيراعظم ٽوئيٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اها سندن ئي جماعت (پي ٽي آءِ) آهي، جنهن 23 سال اڳ سڀ کان پهرين عدليه جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيو، سال 2007ع ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي واري تحريڪ ۾ سڀ کان اڳري هئي ۽ اُن لاءِ کيس جيل به ڪاٽڻي پئيچيف جسٽس کوسه جو احترام ڪريان ٿو وزيراعظم بيان ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو به ذڪر ڪيو. اُن حوالي سان سندس چوڻ هو ته اهو رڪارڊ جو حصو رهي ته آئون چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو. پاڪستان جيڪي به وڏا جيورسٽ (ججز) پيدا ڪيا، چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اُنهن منجهان هڪ آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے