نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سنگين غداري ڪيس :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابندي نه آهيون : خاص عدالت

سنگين غداري ڪيس :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابندي نه آهيون : خاص عدالت

اسلام آباد مانيٽرنگ ڊيسڪ) خصوصي عدالت اڳوڻي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اُها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ جي پابندي نه آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران خصوصي عدالت لکت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 5 ڊسمبر تائين بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيومشرف جي وڪيل کي ويهاري ڇڏيو ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان پرويز مشرف جي بريت جي درخواست داخل ڪئي آهي، خصوصي عدالت پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر کي دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان رڳو سرڪاري وڪيل جي معاونت ڪري سگهي ٿا. 5 ڊسمبر کانپوءِ ڪيس کي التوا نه ملندي ٻڌڻي دوران جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نه ڳالهائينداسين، اسان رڳو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جا پابند آهيون، پرويز مشرف پنهنجو بيان ڪنهن به ڏينهن رڪارڊ ڪرائي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي هدايت ڪئي ته 5 ڊسمبر تي پراسيڪيوشن ٽيم پوري تياري سان پيش ٿئي، ان کانپوءِ التوا نه ڏينداسينمشرف 5 ڊسمبر تائين بيان جمع ڪرائي سگهي ٿو پرويز مشرف 5 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن به ڏينهن تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو، واضح رهي ته خاص عدالت کي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائڻو هو. پر گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ کان روڪڻ جي حڪومت جي درخواست منظور ڪندي خاص عدالت کي اڳوڻي صدر جي خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے