نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پراڻن قانونن جو جائزو وٺي ڏسنداسين ته ڪٿي تبديلي جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي

پراڻن قانونن جو جائزو وٺي ڏسنداسين ته ڪٿي تبديلي جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم آئين جي دائري ۾ رهندي واڌ ڏني. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پراڻن قانونن جو جائزو وٺنداسين ڏسنداسين ته ڪٿي تبديلي جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته حڪومت جي قانوني ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪا پريشاني ناهي، عدالت جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، ڪابينا عدالتي فيصلي تي غور ڪندي ۽ جيڪو مناسب هوندو اهو ڪندي. سندس چوڻ هو ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي آئين ۾ ڪا تبديلي نه ٿي رهي آهي، آئين واضح آهي ۽ آئين ۾ ڪو ٽڪراءَ ناهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت ڪنهن بحران جو شڪار نٿو ٿي سگهي، عدالت مناسب وقت ۾ بهتر فيصلو ڪيو آهي، شڪر آهي مسئلو خير سان حل ٿي ويو، اسان اهڙو ڪو رستو نه ڇڏينداسين جنهن سان پاڪستان جي دشمنن کي خوش ٿيڻ جو موقعو ملي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته جمهوريت جي استحڪام جو معيشت تي اثر پوندو آهي سمورن مسئلن تي مخالف ڌر سان ڳالهائينداسين اميد آهي اپوزيشن ذميواري جو مظاهرو ڪندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے