نڪور خبرون
Home / سنڌ / سياستدان کي نيب ذريعي گهلڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي: فضل الرحمان

سياستدان کي نيب ذريعي گهلڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي: فضل الرحمان

سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خورشيد احمد شاهه جي طبيعت تمام گهڻي خراب آھي، کيس به نيب وسيلي گهليو پيو وڃي، سياستدانن کي نيب وسيلي گهلڻ واري عمل کي اسان نه ٿا مڃون. خورشيد احمد شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته خورشيد احمد شاه به اهڙي مرحلي مان گذري رهيو آھي، جيستائين معاملو نيب عدالت ۾ آھي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪيان، هن چيو ته جيستائين اڻ چونڊيل، جعلي، نااهل ۽ نالائق کي تسليم ڪبو تيستائين ملڪ پوئتي ئي ويندو، ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته توهان کي جيڪو يقين ڏياريو ويو ان تي عمل ٿئي ٿو، تنهن تي مولانا فضل الرحمان مسڪرائيندي چيو ته ڇا توهان کي نظر نه ٿو اچي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے