نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ن ليگ جو رانا تنوير حسين پي اي سي جو گڏيل چيئرمين مقرر

ن ليگ جو رانا تنوير حسين پي اي سي جو گڏيل چيئرمين مقرر

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جو رانا تنوير حسين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو گڏيل چيئرمين چونڊجي ويو. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي وئي.ڪميٽي مسلم ليگ(ن) جي رانا تنوير کي گڏيل طور تي چيئرمين چونڊي ورتو. رانا تنوير جو نالو سردار نصرالله دريشڪ چونڊ ڪيو. جڏهن ته مشاهد حسين به ان جي حمايت ڪئي. چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ رانا تنوير حسين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پي اي سي کي فعال بنايو وڃي.ماضي ۾ جيڪي ڪميٽيون ٺهيون ست سالن کان ان جون رپورٽون ئي ناهن آيون ميمبرن جي مشاورت سان شيڊول بنائي هلنداسين ۽ آڊٽ اعتراض به وقت تي اڪلائينداسين.واضح رهي ته اپوزيشن جي  اسرار تي احتجاج کان پوءِ مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو هو پر هن ڪجههه  مهينا اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے