نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آفريقي ملڪن سان واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي: شاه محمود قريشي

آفريقي ملڪن سان واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي: شاه محمود قريشي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جا آفريقي ملڪن سان بهترين سياسي ۽ سفارتي لاڳاپا آهن، آفريقي ملڪن سان هاڪاري، بامقصد ۽ برابر ترقي جي مقصدن جي اصولن تحت رابطن جا خواهشمند آهيون، ٻه طرفا واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي، معاشي سفارتڪاري ذريعي معيشت کي مستحڪم بڻائينداسين. هن انهن خيالن جو اظهار اربع تي هتي پرڏيهي وزارت ۾ آفريقي ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسانکي انتهائي خوشي آهي ته هن وقت پاڪستان جو صدر ان ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهي، ان ڪانفرنس جا ٻه بنيادي مقصد آهن، پهريون آفريقي ملڪن سان پنهنجن رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻيو پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ عملي قدم کڻڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آفريقا هڪ اهم وڏو کنڊ آهي جيڪو 54 ملڪن تي ٻڌل، 2.3 ٽريلين ڊالر جي مجموعي جي ڊي پي رکندڙ آهي. هن چيو ته آفريقي ملڪن سان بهترين سياسي، سفارتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مان مشنز تحت ڪيترن ئي آفريقي ملڪن ۾ خدمتون ادا ڪري چڪي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اين اي ايم ۽ جي- 77، جهڙن بين الاقوامي فورمز تي آفريقي ملڪن جو ساٿ ڏنو، آفريقي ملڪن جا 700 ڊپلوميٽس، پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪري رهيا آهن، اسانکي آفريقي ملڪن سان پنهنجو واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان معاشي سفارتڪاري جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ گهڻ رخي معاشي شعبن ۾ ڪوششن تي عمل ڪري، قيادت جي ويزن مطابق معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيون. هن چيو ته اسان آفريقي ملڪن سان هاڪاري، بامقصد ۽ برابر ترقي جي مقصدن جي گڏيل اصولن تحت رابطن جا خواهشمند آهيون. مونکي اميد آهي ته سفيرن جي اها ڪانفرنس آفريقي ملڪن سان اسانجي ٻه طرفا لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے