نڪور خبرون
Home / سنڌ / اهو تاثر غلط آهي ته ڪنهن هڪ ميڊيا گروپ کي ئي اشتهار ڏنا ويندا آهن: سعيد غني

اهو تاثر غلط آهي ته ڪنهن هڪ ميڊيا گروپ کي ئي اشتهار ڏنا ويندا آهن: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هن وقت صوبي ۾ مختلف زبانن ۾ 737 اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيندا آهن جن ۾ اردو اخبارن رسالن جو انگ 446 جڏهن ته سنڌي جو انگ 156 آهي. اطلاعات کاتي سنڌ جي تحت سمورين خبارن اشتهار اشتهاري پاليسي 2015 جي تحت ڏنا ويندا آهن ۽ اهو تاثر غلط آهي ته ڪنهن هڪ ميڊيا گروپ کي ئي اشتهار ڏنا ويندا آهن ڊائريڪٽوريٽ جنرل اطلاعات سنڌ يا اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو سنڌ حڪومت ۾ جولائي 2017 کان جون 2018 تائين جي دوران ڪنهن به قسم جا ڪا به ملازمت نه ڏئي وئي جڏهن ته فوتي ڪوٽا تي 8 ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ اهي به چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ بڻيل ڪميٽي جي سفارش ۽ انهن جي فيصلن جي روشني ۾ ڏنيون ويون آهن. آرڪائيوز کاتي ۾ هر مهيني ملازمن کي باقاعدگي سان پگھارون ڏنيون پيون وڃن اهو تاثر غلط آهي ته اتي ملازمن کي پگارون نٿيون ملن. هو اربع واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي جي سوالن جا جاوب ڏئي رهيو هو. عارف صمطفيٰ جتوائي جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هن وقت 750 کان وڌيڪ اخبارون ميڊيا لسٽ تي آهن۽ اسان انهن سمورن اخبران کي روزانو ڪنهن به صورت اشتهار نٿا ڏئي سگھون. پر اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته وڏي ميڊيا هائوسز سان گڏوگڏ ننڍن ۽ ريجنل اخبارن کي اشتهار فراهم ڪيون ته جيئن اهي به پنهنجي پيرن تي بيهن هن چيو ته هن وقت به اطلاعات کاتو 200 کان وڌيڪ اخبارن کي اشتهار ڏئي رهيو آهي. ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرنٽ ميڊيا کي گھڻو ڪري سڌو سئنون ئي اشتهار ڏنا ويندا آهن جڏهن ته اليڪٽڙرونڪ ميڊيا تي اشتهار بڻائي ڏنا ويندا آهن ۽ اطلاعات کاتي وٽ ايترا وسيلا ناهين ان ڪري اشتهاري ايجنسين جي ذريعي اشتهار ڏنا ويندا آهن ۽ ان جي به پاليسي واضع آهي ايجنسي کي ان جو 15 سيڪڙو جڏهن ته ميڊيا هائوسز کي 85 سيڪڙو ادا ٿيندو آهي. اسيمبلي ميمبر غزالا سيال  جي سوال جو جواب ڏيندي وزير اطلاعات سنڌ چيو ته اخبارن کي ڊڪليريشن اسان نه پر لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ڏيندو آهي ۽ اخبارن جي اي بي سي سرٽيفائيڊ ۽ سينٽرل ميڊيا لسٽ انهن کي وفاقي حڪومت ڏيندي آهي. هن چيو ته اخبار جي ڊڪليريشن ۽ ڪينسليشن ٻنهين جو اختيار ڊپٽي ڪمشنر وٽ هوندو آهي. هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊمي اخبارن جي خلکاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت به مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر کي اطلاعات کاتي پاران 74 اخبارن جي ڊڪليريشن ڪينسل ڪرڻ جو خط لکيو ويو آهي جڏهن ته ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي ڊِ سي اطلاعات کاتي پاران فراهم ڪيل لسٽ تي 16 اخبارن جي ڊڪلريشن ڪنسل ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات کاتي ۾ ڀرتين ۽ خالي پيل جاين جي تحريڪ انصاف جي ميمبر سعيد احمد پاران ڪيل سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هن وقت اطلاعات کاتي ۾ 102 جڏهن ته آرڪائيوز ۾ 49 جايون خالي آهن ۽ انهن تي ڀرتيون عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سبب نٿيون ڪري سگھجن. جڏهن ته هاڻ سنڌ حڪومت پاران عدالت سان لھ وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ اهي ڀرتيون شروع ڪيوجن پيون وڃن ۽ گريڊ 1 کان گريڊ 4 تائين سڌو سئنون جڏهن ته گريڊ 5 کان 15 تائين آئي بي اي ڪراچي ۽ سکر جي ذريعي ٽيسٽ وٺي ڪيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ هڪ واضع پاليسي به مرتب ڪئي وئي آهي ۽ اها پاليسي عدالتي حڪمن جي روشني ۾ مرتب ڪئي وئي آهي. هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ بڻيل ڪميٽي جي فيصلن ۽ انهن جي رهنمائي سان اڄ تائين فوتگي ڪوتا تي 11 ماڻهن کي ملازمت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ اهي سمورا ملازم ريگولر آهن. آرڪائيوز کاتي ۾ پگھارن نه ملڻ واري سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير ايوان کي ٻڌايو ته آرڪائيوز کاتي ۾ سمورن مستقل ملازمن کي مڪمل پگھارن جي باقاعده ادائگيون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته خيرپور ۾ هڪ پروجيڪٽ ۾ متعين 8 ملازمن جي پگھارن جا ڪجھ معاملا هئا جن کي به دور ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پگهارن جي ادائگي ڪئي پئي وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے