نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / چين هڪ ڀيرو ٻيهر سي پيڪ تي آمريڪي اعتراض رد

چين هڪ ڀيرو ٻيهر سي پيڪ تي آمريڪي اعتراض رد

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين هڪ ڀيرو ٻيهر سي پيڪ تي آمريڪي اعتراض رد ڪندي پاڪستان سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جينگ شوانگ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ – چين اقتصادي راهداري تي آمريڪا جي اعتراضن کي واضح طور رد ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين اڳ ئي آمريڪي اعتراضن کي بي بنياد ۽ بنا جواز قرار ڏئي چڪا آهن، چين سي پيڪ مڪمل ٿيڻ تائين پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. هن چيو ته آمريڪي حڪومت جا ڪجهه عنصر پراڻي اسڪرپٽ ۽ پراڻي پلاٽ تي ڪهاڻيون ٺاهي رهيا آهن، اڳ به اهڙا شو فلاپ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ به انهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو. واضح رهي ته ان کان اڳ چيني سفير زائو جنگ پڻ سي پيڪ ۾ ڪرپشن جي آمريڪي الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته آمريڪي ڊپٽي اسٽيٽ سيڪريٽري سي پيڪ تي بنياد بنياد الزام هنيا آهن، ان قسم جون ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي. هوڏانهن پاڪستان پڻ سي پيڪ بابت آمريڪي خدشن سان اتفاق نه ڪيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو هو ته اخبارن ۾ آمريڪي فارن اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلس ويلز طرفان سي پيڪ بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا، ويلس ويلز جو سي پيڪ بابت تجزيو درست ناهي، پاڪستان اڳ ئي پنهنجو موقف ڏئي چڪو آهي ته سي پيڪ امداد نه پر سيڙپڪاري آهي، آمريڪي حڪومت شامل هئي يا نه اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي پر ايترو ضرور آهي ته سي پيڪ خلاف مهم هلائي وئي. سندس چوڻ هو اسان ته سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي انويسٽمينٽ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي چين متفق ٿيو، اسان سڄي خطي ۾ امن چاهيون ٿا، سي پيڪ جا اصل فائدا به تڏهن ئي ملندا، جڏهن سڄي خطي ۾ امن هوندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے