نڪور خبرون
Home / سنڌ / لنڊن پهچڻ بعد نواز شريف جا فوٽو ۽ ويڊيوز ڏسي لڳي ٿو ته هو ٺيڪ ٿي ويو آهي: گورنر سنڌ

لنڊن پهچڻ بعد نواز شريف جا فوٽو ۽ ويڊيوز ڏسي لڳي ٿو ته هو ٺيڪ ٿي ويو آهي: گورنر سنڌ

ڄام نواز علي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پلان هڪ فلاپ شو هو، کيس خبر ئي نه هئي ته ڇو آيو ۽ ڇو ويو، ماڪڙ سميت صحت وارا معاملا صوبن جي اختيار ۾ آهن. ان حوالي سان وفاق ڀرپور مدد ڪندو. لنڊن پهچڻ بعد نواز شريف جا فوٽو ۽ ويڊيوز ڏسي لڳي ٿو ته هو ٺيڪ ٿي ويو آهي، جلد پاڪستان پهچي ڪيسن کي منهن ڏئي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي وزير ڄام معشوق علي خان جي پهرين ورسي جي موقعي تي شرڪت دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڄام خاندان هميشه پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي. سندس هن ڪٽنب سان پراڻي وابستگي آهي ۽ هو اڄ ان ڪٽنب سان ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ آيو آهي. پاڪستان ٺهڻ واري عمل ۾ ڄام خاندان جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف جيئن ملڪ مان ويو ۽ جيڪا بيماري ٻڌائي وئي هئي ۽ جيترو منهنجي ڄاڻ ۾ آهي ته هن جي طبيعت واقعي ۾ تمام گهڻي ناساز هئي ۽ انساني همدردي جي بنيادن تي کيس هتان وڃڻ ڏنو ويو ته جيئن هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي پر هاڻي سندس فوٽو ۽ ويڊيوز ڏسڻ ۾ اچن پيون، افسوس ٿئي ٿو ته لندن پهچڻ بعد هو پنهنجي معالج سان گڏ گهمي رهيو آهي ۽ مختلف شاپنگ سينٽرن تان خريداري ڪري رهيو آهي. لڳي ٿو ته لنڊن ۾ رٽيل ٿراپي هلي پئي ۽ خريداري وارو علاج جاري آهي جيڪو ڏسي افسوس ٿئي ٿو. هن چيو ته ايون فيلڊ جيڪا هاڻي شريف خاندان جي ملڪيت ئي ناهي هو اتي ويٺا آهن ۽ اتي کين انهن ماڻهن ڀليڪار ڪيو آهي، جيڪي پاڪستان کي گهربل آهن. هن چيو ته افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته نواز شريف جا ساٿي ۽ حامي ڇا سوچيندا هوندا، پنهنجي اهڙي عظيم ليڊر لاءِ اسان کي انهن حامين تي ڏک ٿئي ٿو ته اهي اهڙي شخص وٽان انڌو اعتماد ڪن ٿا جيڪو هر ڀيري ڏکئي وقت ۾ ملڪ کان ٻاهر هوندو آهي. ڇا سندس حامي اهڙا اڳواڻ گهرن ٿا؟ جيڪي مشڪل وقت ۾ ملڪ کان ٻاهر هجن يا کين اهڙا اڳواڻ به کپن جيڪي ڏکين حالتن ۾ ساڻن گڏ هجن. هن چيو ته کيس لڳي پيو ته لنڊن پهچڻ سان ئي نواز شريف ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو آهي، هو جلد پاڪستان پهچي ڪيسن کي منهن ڏئي، راهه فرار مان کيس ڪو به فائدو نه ٿيندو. ماڪڙ جي حملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾  گورنر چيو ته اها صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، نه رڳو ماڪڙ پر صحت سميت ٻيا ڪيترائي معاملا 18هين ترميم کان پوءِ هاڻي صوبن حوالي آهن تنهن ڪري اهو معاملو صوبي جو آهي. هن چيو ته ماڪڙ جي بي انتها نقصان بعد سنڌ جي هڪ وزير وفاق کي خط لکي جهاز، دوائون ۽ ٻي مدد گهري آهي ۽ هن ان حوالي سان خوراڪ واري وفاقي وزير سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان حوالي سان وفاق ڀرپور مدد ڪندو. هن چيو ته ريبيز، پوليو ويڪسين يا ايڊز سميت سنڌ جا جيڪي به مسئلا آهن انهن جي ڳڻتي اسلام آباد تائين آهي، وفاق ان حوالي سان صحت واري عالمي تنظيم آڏو معاملو اٿاريو  جن شين جي ضرورت هوندي عالمي تنظيمون ۽ وفاق ڀرپور مدد ڪندو. مولانا جي ڌرڻي بابت هڪ سوال تي گورنر چيو ته اهو هڪ فلاپ شو هو مولانا کي پاڻ ئي خبر نه هئي ته هو ڇو آيو ۽ ڇو ويو؟ اهو ته هو پاڻ به نه ٿو ٻڌائي سگهي. مولانا جي اي بي سي ڌرڻن مان عوام پاڻ بيزار آهي، ڌرڻي اي کان پوءِ جڏهن بي تي روڊ بند ڪيا ويا ته عوام ان خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ هاڻي وري مولانا صاحب ڪو ٻيو پلان ڏيڻ وارو آهي جڏهن ته اي بي سي کان پلان ڊي تائين ته پهچي چڪو آهي لڳي ٿو اي بي سي پوري ڪرڻي آهي. ان کان اڳ گورنر ڄام ڳوٺ پهچي ڄام معشوق علي خان جي ورسي ۾ جي موقعي تي دعا ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي ڄام ذوالفقار علي خان، ڄام نفيس علي خان ۽ ايم پي اي ڄام مدد علي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ اتي موجود هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے