نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل

آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي 25 مان رڳو 11 ميمبرز آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني، جمهوريت ۾ اهڙا فيصلا اڪثريت راءِ سان ڪيا ويندا آهن، خاموش رهندڙ ميمبرز جو انتظار ڪرڻ گهرجي ها. سُپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ واري وفاقي سرڪار جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي ڪابينا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي تاريخ کان توسيع جي منظوري ڏني آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ پُڇيو ته ڇا قانون ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ ڪا شِق آهي؟ ڇا ڪابينا پنهنجو دماغ استعمال ڪيو؟ جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ پُڇيو ته ڇا ڪابينا ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي واڌ جا ڪارڻ بحث هيٺ نه آيا؟ ڇا ڪابينا واڌ جي منظوري ڏيندي پنهنجو ذهن استعمال ڪيو هو؟ چيف جسٽس پُڇيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ فِڪس ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ اهو اندازو ڪيئن لڳايو ويو ته ٽن سالن تائين هنگامي حالتون رهنديون؟ رٽائرمينٽ کي عارضي طور معطل ڪري سگهجي ٿو. آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ ٽن سالن جي شروعاتي واڌ ڪهڙي رول تحت ٿي؟ چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جو رول توهان نه ڏيکاري رهيا آهيو؟ ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آرمي چيف ته ٽن رٽائرڊ آفيسرز کي سزا ڏني آحي، آفيسرز جي رٽائرمينٽ معطل ڪري سندن ٽرائل ڪيو ويو ۽ سزا ڏني وئيرڳو 11 وزيرن واڌ جي منظوري ڏني: عدالت ۾ انڪشاف ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته 19 تاريخ تي وزيراعظم کي ٻڌايو وڃي ٿو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اختيار توهان کي نه آهي، پوءِ خبر پوي ٿي ته صدر ۽ وزيراعظم ٻنهي کي اختيار نه آهي، بلڪه ڪابينا کي فيصلو ڪرڻو آهي. 21 آگسٽ تي مامرو وفاقي ڪابينا کي ڏنو وڃي ٿو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه پنهنجي ريمارڪس ۾ انڪشاف ڪيو ته وفاقي ڪابينا جي رڳو 11 وزيرن آرمي چيف جسٽس ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني، اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪابينا جي اڪثريت منظوري ڏني. 25 مان رڳو 11 ڪابينا ميمبرز جي نالن آڏو ”ها“ لکيو ويوجمهوريت ۾ فيصلا اڪثريتي راءِ سان ٿيندا آهن ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته جمهوريت ۾ اهڙا فيصلا اڪثريتي راءِ سان ٿيندا آهن، ڪابينا ۾ جِن ميمبرز جواب نه ڏنو آحي، اُنهن جو انتظار ڪرڻ گهرجي ها، اُنهن ميمبرز ”نه“ به نه ڪئي آهي. ڇا حڪومت ڪابينا ميمبرز جي خاموشي کي ”ها“ سمجهي ٿي؟ ڇا نوٽيفڪيشن ڪابينا جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم کان ٿيندو صدر تائين نه پهچڻ گهرجي ها؟

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے