نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾17 ڊسمبر تائين واڌ

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾17 ڊسمبر تائين واڌ

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج اعظم خان جعلي بئنڪ اڪائونٽس، ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.جڏهن ته فريال ٽالپر کي اڊياله جيل کان احتساب عدالت ۾ آندو ويو. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪيو ويو جنهن جا 65 واليم آهن ۽ اڃان اسڪروٽني جي مرحلي ۾ آهي. جوابدارن جو انگ اهو ئي آهي.وڌيڪ شاهديون شامل ڪيون ويون آهن. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 17 ڊسمبر تائين وڌ ڪندي جوابدارن کي ضمني ريفرنس جي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے