نڪور خبرون
Home / پاڪستان / قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد تصديق ڪئي ته قانون واري وزير فروغ نسيم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته فروغ نسيم آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڪيس وڙهندو، هو سڀاڻي اٽارني جنرل سان گڏجي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي حڪومتي موقف پيش ڪندو. وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته فروغ نسيم ڪيس جي پيروي لاءِ رضاڪاراڻا طور عهدي تي مستعفي ٿيو آهي. احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران فروغ نسيم جي حوالي سان ڪا به غير معمولي ڳالهه نه ٿي آهي. هن چيو ته ڪيس جي پيروي کانپوءِ فروغ نسيم ٻيهر ڪابينا جو حصو بڻجي سگهي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے